دلو برج

دلو برج

دلو برج

دلو (برج: (Aquarius: دلو، برج ٻارهن آسماني برجن جي دائري جو يارهون نمبر برج آهي. علم نجوم جي ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ آهي ته 20 جنوري کان 18 فيبروريءَ جي وچ ۾ جنم وٺندڙ ماڻهو دلو برج سان وابسته هوندا آهن. هن برج جو مٿاهون سيارو يورينس آهي، جيڪو هن برج سان لاڳاپيل هوندو آهي. دلو برج سان تعلق رکندڙ ماڻهو ذهين، خيال پسند، ڳولا ڪندڙ، وسيع/ کليل ذهن، صاف دل، خودمختيار ۽ ڪي قدر مغرور هوندا آهن. جذباتي طور الڳ طبيعت هئڻ جي باوجود دوستاڻو ماحول اختيار ڪندا آهن. دلو برج وارا اڪثر سياسي تنظيمن ۾ حصو وٺندا آهن. دلو برج وارن ماڻهن کي خاص طور سماجي خدمت، ڪمپيوٽر سائنس ۽ اليڪٽرانڪ جھڙن شعبن سان دلچسپي هوندي آهي.


لفظ دلو برجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو